ڇتن شاهه سيد

ڇتن شاهه سيد: خيرپور جي ڪافي گو شاعر سيد ڇتن شاهه جي ولادت 1870ع ڌاري ٿي. هيءُ سرائي گنهور خان جي پاڙي ۾ رهندو هو. کيس ڪافيءَ سان گڏ مرثيي ۽ سلام تي به چڱي دسترس حاصل هئي. سيد ڇتن شاهه خيرپور جي ماتمي مجلسن جو اهتمام ڪندو هو. سندس ويجھن دوستن ۾ الهرکيو کوکر ۽ پير ڦلپوٽو شامل هئا. کيس ان دؤر جا خيرپور رياست جا حاڪم به قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. هن 1920ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو